اسلام ڪوٽ (ن پ ا )اسلام ڪوٽ ۾ ڪولهي برادري جي گهرن تي مبينا طور قبضا ڪري ڊاهڻ خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مهاوجي ڪولهي، ڇڳن ڪولهي. وشنو، ڌرمون. موهن، چهو ڪولهي عورتن راجو، ٽيجان، ڪيسو، پارسان،ميران ڪولهڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ٺهيل گهرن تي ڀيل برادري جي بااثرن هلان ڪري اسان جا ڪکاوان گهر ڊاهي پٽ ڪري زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انصاف ڪيو وڃي.