ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي زو جي راڻي نور جهان هاٿڻ  جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست ۾ زو انتظاميا پاران نئون وڪيل پيش، عدالت  وقت گھرڻ تي سمورن ڌرين کي هڪ ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، درخواستگذار  عمران عزيز ايڊووڪيٽ جو چوڻ ھو ته زو انتظاميه جي لاپرواهي سبب نورجهان  مري وئي، زو ۾ ساڻس اهڙو سلوڪ ڪيو ويو جو اها پيرن تي به بيهي نه سگهي، زو جي ڊائريڪٽر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.