ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڀيلن بابت پوليس رپورٽون رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي کنڀيلن جي ڪيسن جو جائزو وٺڻ ۽ جاچ لاءِ سٺي ساک رکندڙ آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ارسلان الدين سميت 14 شهرين جي بازيابيءَ بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته 10 سالن کان ڪيس هلي رهيا آهن، اڃا تائين کنڀيلن جو ڪو پتو  پئجي ناهي سگهيو، عدالت کي پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي،عدالت آءِ جي سنڌ کي گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس سٺي ساک رکندڙ آفيسرن حوالي ڪيا وڃن، عدالت گهرو ۽ بچاءَ وارن سيڪريٽرين کان به رپورٽون طلب ڪندي گم ٿيل پٺاڻ زهراڻي، عرفان علي، سيد صائم علي، حسين، جاويد اقبال، عبدالقدير، محمد عامر، اعظم عثماني، زوهيب علي ۽ ٻين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،