اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ڇوڪريءَ تي تشدد ڪندڙ سڀ جوابدار سوگها

0
229

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ڇوڪريءَ تي تشدد ڪندڙ چارئين جوابدارن کي گرفتار جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ تي تشدد جي واقعي ۾ ملوغ مک جوابدار عثمان مرزا ۽ ان جي دوست ساٿين کي پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر ۾ نامزد چوٿين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي موبائل فون مان وڊيوز به بر آمد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ به ورتو ويو آهي، واض رهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊِيا تي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن بعد اسلام آباد پوليس ايڪشن کڻندي تشدد ڪندڙ بااثر جوابدارعثمان مرزا سوڌو ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو.