ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪورونا سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو

0
199
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ انتظاميه ڪورونا ويڪسي نيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميه بازارن، سينيما گهرن، ريسٽورنٽس، بيڪرين ۽ دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ويڪسي نيشن سرٽيفيڪٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب جن علائقن ۾ ويڪسي نيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان ۾ صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، گذري ۽ لياري سوڌو ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، ڪورونا سرٽيفڪيٽ نه رکندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ دڪان يا آفيس سيل ڪيو ويندو.