مٽياري ڀرسان مبينا ڇت تان نوجوان فوت

0
360

مٽياري(ن پ ا) مٽياري ڀرسان مبينا ڇت تان ڪري نوجوان فوت، ميمڻ جي وسين ۾ ڇت تي ستل نوجوان ڪشور اوڏ عرف ڪيٽو مبينا ڇت تان ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ٽنڊوالھيار روانو ڪيو ويو آهي، فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشور جي پوري فيملي ٽنڊوالھيار شفٽ ٿي هئي هي هو هتي اڪيلو رهيل هو، واقعي جي جاچ ڪئي وڃي.