اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ رهندڙ آمريڪي شهري سنٿيارچي پراسرار طور پنهنجي گهر مان بيهوشي حالت ۾ هٿ آئي آهي. سنٿيارچي پنهنجي فليٽ ۾ بي هوشي جي حالت ۾ هٿ آئي، جنهن کي مقامي پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس طبي معائنو ڪيو ڪيو ويو، پوليس موجب ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ حقيقتن جي خبر پوندي، جڏهن ته سندس سيڪيورٽي لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽرن موجب سنٿيا رچي جو معدو صاف ڪري تجزيي لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي، سنٿيارچي جو چوڻ هو ته مونکي نشي واري شئي ڏني وئي هئي. واضح رهي ته سنٿيا رچي ويجهي ماضي ۾ پ پ اڳواڻ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ تي زيادتي جو الزام لڳايو هو، هن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي گهرو مخدوم شهباب الدين تي به هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.