اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود خصوصي عدالت پاران سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي هلائڻ جو فيصلو

0
138

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود خصوصي عدالت پاران سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي بابت رپورٽ جي روشني ۾ ٽرائل جيل اندر ئي ٿيندو، ڪيس جي اوپن ٻڌڻي هلائي ويندي

ٻڌڻي دوران جيل اختيارين پاران پي ٽي آءِ چيئرمين جي عدالت آڏو پيشي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي سخت خطرا آهن، خطرن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي