سنڌ جو ناليوارو پاڻي ماهر اي اين جي عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

0
237

اسلام آباد: سنڌ جو ناليوارو پاڻي ماهر اي اين جي عباسي لاڏاڻو ڪري ويو، اي اين جي عباسي ڦڦڙن جي تڪليف سبب اسلام آباد جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو

اي اين جي عباسي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ ڪالاباغ  ڊيم کي فني بنيادن تي رد ڪيو هو

پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ اي اين جي عباسي سميت 8 رڪني ڪميٽي جوڙي هئي

اي اين جي عباسي پرويز مشرف جي  پرواهه نه ڪندي پنهنجي رپورٽ ۾  ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي

اي اين جي عباسي جي پاڻيءَ جي ورڇ بابت  تيار ڪيل رپورٽ ۽ ان ۾ پيش ڪيل  تجويزون اڄ به سموري ملڪ ۾ مقبول بڻيل

اي اين جي عباسي جي ڀيڻ موجب اي اين جي عباسي جو مڙهه اسلام آباد ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو