سڪرنڊ: قومي ڪرڪيٽرن کان رشوت وٺندڙ 4 اهلڪار گرفتار، ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي معطل

0
410

سڪرنڊ ويجهو قومي ڪرڪيٽرن صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان رشوت وٺڻ جي الزام ۾ 4 اهلڪارن کي  گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي معطل ڪيو ويو آهي

قومي ڪرڪيٽر صهيب مقصود سوشل ميڊيا تي اڄ پنهنجي پوسٽ ۾ سنڌ پوليس تي ڪرپشن جا الزام هڻندي چيو هو ته اسان خوشقسمت آهيون جو سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا، سنڌ پوليس ايڏي ڪرپٽ آهي جو هر 50 ڪلوميٽرن کانپوءِ روڪي پئسا وٺي ٿي

صهيب مقصود موجب پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿي، سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي

ڪرڪيٽر موجب اسان پوليس کي ٻڌايو ته ڪرڪيٽرز آهيون، ڪراچي ۾ ميچ کيڏڻ بعد ملتان واپس پيا وڃون، ان جي باوجود پوليس اسان کان 8 هزار روپيا ورتا

 

ڪرڪيٽر عامر يامين به پوليس پاران رشوت وٺڻ جي تصديق ڪئي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي جاچ جو حڪم ڏنو

ڊي آءِ جي فوري طور ايڪشن کڻندي سڪرنڊ ٿاڻي جي 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪرڪيٽرن کان رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ ڪيس به داخل ڪيو ويو، واقعي جا ذميوار چارئي اهلڪار قرار ڏئي گرفتار ڪيا ويا آهن