قونيه (اسپورٽس نيوز) ترڪيءَ جي شهر قونيه ۾ جاري اسلامي يڪجهتي گيمز جي سوئنگ ايونٽ ۾ عورتن جي 100 ميٽر بٽر فلاءِ سوئمنگ ۾ پاڪستان جي سوئمر بسمه خان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.  بسمه خان شروعاتي هيٽس ۾ 1:09.38 جي ٽائمنگ سان فائنل ۾ جاءِ ٺاهي. عورتن جي 100 ميٽر بريسٽ اسٽروڪ جي فائينل ۾ مشال ايوب ستين نمبر تي رهي، 200 ميٽر فري اسٽائل جي فائنل ۾ جهان آرا نبي جو اٺون نمبر رهيو. ان کان علاوه مردن جي 800 ميٽر فري اسٽائل جي فائنل ۾ امان صديقي جو ڇهون نمبر رهيو. ٻئي طرف پاڪستان جو جوڊو جو قيصر خان برانڊ ميڊل کٽڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. قيصر خان کي 100 ڪي جي برانز ميڊل ميڊل ميچ ۾ تاجڪستان جي اڪبر ابوبڪري شڪست ڏني.