لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايندڙ چئن سالن لاءِ قومي ٽيم جي دوري جي پروگرام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سال 2023ع کان 2027ع دوران آءِ سي سي فل بورڊز جي 12 مان 10 ميمبر ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون. ان دوران انگلينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان اينديون. افغانستان، آسٽريليا، آئرلينڊ ۽ زمبابوي جون ٽيمون محدود اوورن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪنديون، جڏهن ته پاڪستان ٻه ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز پڻ کيڏندو. پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيمن تي مشتمل پهرين سيريز فيبروري 2024ع ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻي سيريز ۾ انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون پاڪستان سان آمهون سامهون ٿينديون.