دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ بابراعظم ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ نمبر ون پوزيشن تي برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ ۾ امام الحق ٻي ۽ فخر زمان جي يارهين پوزيشن آهي. ون ڊي بالرن ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ جو پهريون، ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمراه ٻئي نمبر تي آهي. آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ ٽئين ۽ افغانستان جو مجيب الرحمان چوٿين نمبر تي آهي. ون ڊي رينڪنگ ۾ شاهين آفريدي 2 درجا هيٺ وڃڻ بعد پنجين نمبر تي هليو ويو. ون ڊي آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن جو پهريون نمبر برقرار آهي. ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو جو ٻيو جڏهن ته پاڪستان جو محمد رضوان جو رينڪنگ ۾ ٽيون نمبر آهي.