حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جي وڌندڙ صورتحال سبب ڪمشنر پاران ڊي سيز کي هنگامي پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪانن، هوٽلن ۽ بازارن کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪمشنر چيو ته امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪاري اسپتالن سان گڏ اسريٰ ۽ راجپوتانه سميت ٻين خانگي اسپتالن کي به ڪورونا جي مريضن جي علاج لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. گذريل سال حيدرآباد ڪلب کي به ڪورونا جي مريضن لاءِ تيار ڪيو ويو هو جيڪڏهن حالتون خراب ٿينديون ته ٻيا آپشن موجو آهن. ڊويزنل ڪمشنر چيو ته صحت جي سهولتن کي وڌائڻ سان گڏ ويڪسينيشن جي عمل کي به تيز ڪرڻ گهرجي. پهرين مرحلي ۾ ويڪسين جو 40 سيڪڙو استعمال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته حالتن کي نظر ۾ رکندي ڊويزن جا سمورا ڊي سيز، ڊي ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز پاڪ فوج سان ملي اثرائتي حڪمت عملي جوڙي هنگامي پلان تشڪيل ڏين. هن هدايت ڪئي ته مذهبي اڳواڻن ۽ مسجدن جي پيش امامن سان گڏجي مسجدن ۾ ايندڙ نمازين کي سماجي وٿي اختيار ڪرڻ، ماسڪ پائڻ ۽ ان بيماري کان محفوظ رهڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني وڃي. جن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳل آهي ان جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن دڪاندارن ۽ واپارين تي ڏنڊ وڌو وڃي. ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪ فوج ۽ پوليس گڏجي حالتن جو مقابلو ڪندا. ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شاهي بازار، ريشم گهٽي سميت هوٽلن ۽ ٻين ضلعن مان ايندڙ ٽرانسپورٽ جي ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ان ڪري انهن هنڌن تي پوليس ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي گڏجي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي. ڪمشنر پنهنجي ڊويزن جي سمورن ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز سان وڊيو لنڪ ذريعي ڪورونا جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن جي سلسلي ۾ بريفنگ ورتي.