اسلام آباد (م ڊ) صحت جي اختيارين چيو آهي ته پاڪستان اڃا تائين ڀارت واري نئين ڪورونا قسم کان محفوظ آهي، ترجمان صحت وزارت چيو ته ڀارتي ڪورونا وائرس جو هڪ ڪيس به پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ناهي ٿيو، پاڪستان ۾ برطانوي ڪوورنا وائرس قسم جو ڪيس رپورٽ ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ ڪورونا پکڙجندي ئي پاڪستان سفري پابندي لاڳو ڪئي.