ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ جشن آزادي جي موقعي تي گھر اڳيان ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي، ا ان موقعي تي سيد ممتاز شاهه پوري قوم کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏيندي ملڪي سلامتي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته اسان سڀني کي ٻوٽا پوکي وطن سان محبت جو اظهار ڪرڻ گهرجي.