ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ “ماءُ ۽ ٻار” سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران ڳورهارين عورتن جي مدد لاءِ 25 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ايس پي يو جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر نثار ميمڻ چيو آهي ته ڄاڻايل ٻنهي ضلعن جي ڳورهارين عورتن کي 20 هزار رپيا ڏنا ويندا. ٻار جو پيدائشي سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي صورت ۾ عورت کي 2 هزار رپيا ڏنا ويندا، ٻار جي امونائيزيشن لاءِ ٻن سالن تائين هر وزٽ دوران 2 هزار رپيا ڏنا ويندا.