کھڙا (ن پ ا) کھڙا شهر ۾ 6 محرم الحرام تي 300 سالا قديمي کهنبي جو ماتم اڄ برپا ٿيندو. کنڀي ۾ ضلعي جا 100 کان وڌيڪ جلوس شرڪت ڪندا، جتي سانئڻ صغرا پاران مديني کان ڪربلا موڪيل قاصد واري رسم ادا ڪئي ويندي ۽ وڏي مڪان ۾ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ڪاٺ جو معجزي وارو علم پاڪ بلند ڪيو ويندو. کهنبي واري ماتم ۾ هزارين عزادار شرڪت ڪندا. ان سلسلي سيڪورٽي جي انتظامن لاءِ 300 پوليس ۽ رينجرس اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.