ارطغرل غازي جي ٻي سيزن جو اھم اداڪار لاڏاڻو ڪري ويو

0
399

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ترڪي جي مشھور سيريز ارطغرل غازي ڊرامي جي ٻي سيزن ۾ ڪورڪوت بي جو ڪردار ادا ڪندڙ ھوسين اوزي لاڏاڻو ڪري ويو آھي، ھوسين اوزي جي لاڏاڻي جي خبر ڊرامي جي ھدايتڪار ۽ پروڊيوسر مھمت بوزداغ پاران ڏني وئي آھي، ڊرامي ۾ ارطغرل جي مامي جو ڪردار ادا ڪندڙ ھوسين اوزي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا آھن.