اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحافي ارشد شريف جي والده رفعت آراء چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ ارشد شريف جي قتل ڪيس کي تڪراري بڻجڻ کان روڪڻ جي اعليٰ سطحي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي، خط ۾ ارشد شريف جي والده چيو ته حڪومت منهنجي پٽ جي قتل جي جاچ ۾ بدنيتي جو مظاهرو ڪيو آهي، وفاقي وزير تڪراري بيان ڏئي جاچ کي وڌيڪ منجهائي رهيا آهن، ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل سگهاري ڪميشن جوڙيو، مقتول صحافي ارشد شريف جي امڙ چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط ۾ چيو آهي ته ڪينيا جي پوليس ٽي چار ڀيرا پنهنجو موقف تبديل ڪيو آهي، وزيراعظم جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکڻ جو اعلان ڪيو هو، هاڻي وزيراعظم هڪ رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي آهي، ڪميشن ۾ حڪومتي ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن، وزيراعظم جي اهڙي قدم مان حڪومت جي بدنيتي وائکي ٿي وئي آهي، خط ۾ چيو ويو ته ارشد شريف جي قتل بابت حقيقتون لڪايون پيون وڃن، صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، توهان انصاف نه ڪندا ته مان پنهنجو ڪيس الله جي عدالت ۾ پيش ڪنديس.