اسلام آباد(م ڊ) ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي گهرواري جويريا صديق صدر کان پنهنجي مڙس لاءِ صدارتي ايوارڊ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته صدر عارف علوي کي ارشد شريف شهيد کي شهادت کانپوءِ تمغو ڏيڻ گهرجي. سندس جنازو مون پاڻ شاهه فيصل مسجد ۾ ڏٺو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو هو جنهن ۾ هر طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. اهڙو اعزاز اڳ ۾ ڪنهن صحافي جي حصي ۾ نه آيو هو.