راولپنڊي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ مري سانحي واري جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز مري سانحي جو محفوظ فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته سانحي جي شهيد ٿيلن جو معاوضو وڌايو وڃي. عدالت مري ۾ غيرقانوني اڏاوتن تي پابندي لاڳو ڪندي چيو ته مري ۾ سيوريج، پاڻي ۽ ويسٽ مئنيجمنٽ وارو نطام بڻايو وڃي. عدالت مري ۾ وڻن جي واڍي تي پابندي لڳائيندي حڪم ڏنو ته پارڪنگ سلاٽس مري کان باهر ٺاهيا وڃن ته جيئن شهر ۾ رش نه ٿئي. عدالت حڪم ڏنو ته هاءِ وي کاتو، ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ کاتو ۽ ريسڪيو 1122 مري سانحي جي ذميوارن خلاف انڪوائري ڪن، ضلعي انتظاميا غيرقانوني حددخليون ختم ڪرائي، مري ۾ هوٽلن ۽ رهائش فليٽس کي ريگوليٽ ڪيو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته معطل ڪيل ڪجهه آفيسرن جو مري سانحي سان واسطو ناهي، سندن ٻيهر موقف ٻڌو وڃي. ڪيس تفصيلي فيصلو سومر ڏينهن 7 نومبر تي ٻڌايو ويندو. واضح رهي ته عدالت مري سانحي وارو فيصلو 24 ٻڌڻين کانپوءِ 7 مئي تي محفوظ ڪيو هو. هلندڙ سال 7 ۽ اٺ جنوري جي وچ واري رات ۾ برفاني طوفان سبب 23 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا، فوتين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا اٺ ڀاتي پڻ شامل هئا.