اداڪار عثمان مختار جو عورت ڊائريڪٽر تي ھراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام

0
273

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار عثمان مختار ھڪ عورت ميوزڪ ڊائريڪٽر تي گذريل ڏيڍ سال کان ھراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام لڳايو ھي، انسٽا گرام اسٽوريز تي عثمان مختار پاران ھڪ ڊگھي اسٽوري شيئر ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ اداڪار ھڪ سال کانوڌيڪ عورت وڊيو ڊائريڪٽر پاران ھراسان سوڌو گھروارن ۽ دوست مٽن مائٽن کي بھ نشانو بڻائڻ متعلق ٻڌايو، عثمان مختار پوسٽ ۾ لکيو تھ گذريل ڏيڍ سال کان ھڪ عورت پاران ھراسان، بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، ھن چيو تھ ھراسان متعلق ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي ھئي، عورت پاران اڃان بھ ھراسان ڪيو پيو وڃي، ذھني صحت متاثر ٿي آھي، ٿڪجي پيو آھيان، ھن چيو تھ مان ان عورت سان 2016 ۾ ان جي ھڪ ميوزڪ وڊيو جي لاءِ ڪم ڪيو ھو. ھن چيو تھ انصاف ڪيو وڃي.