ڪراچي پوليس جو هڪ وڌيڪ مقابلو جڙتو نڪتو

0
184
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جو هڪ وڌيڪ مقابلو جڙتو نڪتو، فيڊرل بي ايريا يوسف پلازه وٽ مارجي ويل 2 ڦورو پوليس نه پر شهرين جي فائرنگ جو نشانو بڻيا: واقعي جي فٽيج منظر عام تي اچي ويا، سينٽرل پوليس مقابلي ۾ جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار ڦرلٽ ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ٻئي ڦورو زخمي ٿي پيا، جن بعد ۾ اسپتال ۾ دم ڏنو، پوليس واقعي جي جاچ ڪرڻ کان اڳ ئي مقابلي ۾ ٻنهي جوابدارن کي ڦورو ڄاڻايو ۽ فائرنگ ڪندڙ شهرين کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آھي.