احمد خان مدهوش ۽ آخري ملاقات

0
486

احمد خان مدهوش سان ڪچهرين جو سلسلو 1980ع واري ڏهاڪي کان رهيو. بحث مباحثا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿيندا هئا. اڪثر اختلاف رکندو هو پر بعد ۾ اختلاف ۽ منفي رَوَيا قطع ڪري مون سان شفقت جي رَوِش اختيار ڪيائين. پوءِ به ساڻس ڪچهريون جام رهيون.
مدهوش لاءِ سندس سالگرھه جي تقريب ۾ منهنجي شرڪت لازم هوندي هئي. اهو سندس خلوص هو. جڏهن به سالگرھه جو موقعو يا ڏڻ ايندو هو ته ضرور گهرائيندو هو. سالگرھه سادگي سان گهر ۾ ملهائيندو هو جنهن ۾ سندس ڪٽنب به شريڪ ٿيندو هو. جڏهن احمد خان مدهوش بيماري جي بستري تي هو ته کانئس عيادت لاءِ پاڻ ويندو هوس. ڪراچي اسپتال ۾ داخل هوندو هو ته فون ذريعي ڳالھه ٻولھه ٿيندي هئي. سندس طبيعت پڇندو هوس. ڪڏهن ته پاڻ خليل کي چئي ڳالھه ٻولھه ڪندو هو.
آخري ڏهاڙن ۾ اسپتال کان جڏهن گهر واپس آيو هو ته پاڻ گهرايائين. پوري طرح سان ياد ناهي پر مونکي اندازو آهي ته 2010ع جو جُون مهينو ئي هو. خليل عارف سومرو فون ڪئي ته بابا اوهان سان ملڻ ٿو چاهي. مان ساڻس ملڻ سندس گهر ويس ضعيف حالت ۾ بستري تي هو. مونکي ڏسي سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو پر پوءِ به مرڪ چپن تي آڻي هٿ جي اشاري سان جهيڻي آواز ۾ ويهڻ جو چيائين. مون محسوس ڪيو هو ته زندگي جنگ هارائي چڪي هئي پر سندس سامهون ويهندي کيس حوصلو ڏيندي چيو هئم ته هاڻ اڳ کان بهتر آهيو ۽ نئين عشق ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهيو ته مرڪي چيو هئائين ته عزيز عشق مرڻو نه آ پر جوڳ پچي چڪي آهي. ستت ئي سندس طبيعت بگڙي وئي ۽ کيس ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
26 جون 2010ع تي مان ڪوچ ۾ حيدرآباد کان دادو وڃي رهيو هوس ته ٽي وي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندڙ امين جسڪاڻي جو فون آيو ته سائين احمد خان مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ اوهان کي لائيوَ وٺڻو آهي. هيڪر ته ڇرڪ نڪري ويو پر پوءِ سنڀالي مون ٻه ٽي منٽ مهلت گهري ته جيئن ڪوچ جا لائوڊ اسپيڪر بند ڪرائي سگهان. ٻيهر ڪال آئي ۽ نيوز ڪاسٽر مدهوش جي شخصيت ۽ وڇوڙي تي  سوال ڪيا. مونکي جيڪو سمجھه ۾ آيو هو سو وراڻيو هوم. مون ڳالهائي فون بند ڪيو ته ڏٺم ڪوچ ۾ ويٺل هر ماڻهو تي سڪتو طاري ٿي ويو هو. ڪيترن ئي ڏک ۾ سوال ڪيا ته سائين مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو؟ مون انهن ماڻهن جي سوالن ۽ افسوس منجهان محسوس ڪيو ته مدهوش سنڌ ۾ ڪيترو مقبول ۽ ماڻهو سندس ڪيترو قدر ڪندڙ ۽ ساڻس ڪيترو پيار ڪندڙ آهن!!  ان وقت مدهوش سان ڪجھه ڏينھن اڳ ٿيل آخري ملاقات ذهن تي تري آئي ته ڏک ڏيل کي گهيري ويو هو.
احمد خان مدهوش سان ادبي اختلافن هوندي به سُٻنڌ رهيو.  هزارين ادبي اختلافن هوندي به هڪٻئي جي عزت ڪرڻ جو دڳ ڪڏهن نه ڇڏيو سين. 26 جُون 2021ع مدهوش جي 11 هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي. احمد خان مدهوش سنڌي ٻولي جو ٻهڳڻو ۽ مقبول شاعر آهي. جڏهن فارسي زده روايتي شاعريءَ جي دائري کان ٻاهر نڪري سادي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايائين تڏهن کان شُهرت جي بلندين ڏانهن سندس شاعراڻي اڏام شروع ٿي. سندس سادي سلوڻي ۽ عام جي احساسن کي ڇهندڙ شاعري ۾ ئي سندس مقبوليت جو راز سمايل  آهي. عام ۽ سادي شاعراڻي اظهار جي ڪري ئي سنڌ ۾ پذيرائي ۽ مقبوليت ماڻيائين. بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته احمد خان مدهوش عام لهجي ۾ سادي شاعري وسيلي عام ماڻهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي امرتا کي ڇهيو. سندس امرتا جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو رهندو. سندس سادگي پر تخيل سان ٽمٽار شعر پڙهو:
جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو تڏهن کان چاق ٿي ناهي.
————–
مان پکي هان پيار جو ڌارجو نه مارجو
—————-
دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري
ڪنهن کي هيءَ غم عطا خدا نه ڪري
—————-
سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي​
دل جي دلبر من جي من سان سِرُ لڳي​
——————-
جوهيءُ جي گهٽين مان جي تنهنجو گذر ٿيندو
جوهي جي مٽي تنهنجي پيرن کي چميون ڏيندي
——————
مرندس ته اچي يادون ڳوڙهن کي چميون ڏيندءِ
ڳوڙهن جون وهي لارون ڳلڙن کي چميون ڏيندءِ​
۽ اهڙا سندس کوڙ شعر آهن. مدهوش جو ڪو شعر غلط به لکجي ويو هوندو ڇاڪاڻ ته مون يادگيري جي ڏڍ تي سندس شعر لکيا آهن. بهرحال مدهوش پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڪم آندو جنهن ڪري اڄ به تخليق جي روپ ۾ زنده آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيستائين مدهوش جو ڪلام زنده رهندو تيستائين مدهوش به زنده رهندو. سندس نالو سندس شاعري جي روپ ۾ صدين جو سفر ڪندو. اها کيس به پڪ هئي جو چيائين:
بقا تائين رستو ٻهاري ڇڏيوسين.