مولابخش مشوري جي تاريخي هاري جدوجهد

0
251

سنڌ اها سونهاري ڌرتي آهي جتي ڪيترائي املهه ماڻڪ مختلف وقتن تي پيدا ٿيندا رهيا آهن، انهن جوڌن سنڌ جي پيڙيل طبقي لاءِ ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، انهن عظيم انسانن پنهنجي ڪردار، جدوجهد، بهادري ۽ ڏاهپ سان پنهنجي ڌرتيءَ جي مظلوم طبقي جي خوشحاليءَ خاطر پاڻ پتوڙيو آهي. انهن اڏول انسانن جي سٿ ۾ مولابخش مشوري کي صف اول ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو.
مولابخش مشوري جي زندگيءَ جا مختلف پاسا آهن هو زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾ مختلف انداز سان پنهنجو خوبصورت ڪردار ادا ڪندو رهيو، هن جي شاگردي وارو زمانو، جواني واري سماجي ۽ راڄوڻي زندگي، هن جي سياسي جهدوجهد ۽ هن جي ذاتي دوستي جي پاسن تي الڳ الڳ ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
مولابخش مشوري پوري زندگي پيپلز پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي، هن اسٽوڊنٽ ونگ، مدرونگ ۽ پيپلز هاري ڪميٽي ۾ شاندار نمونيءَ سان ڪشالا ڪٽي پنهنجو پاڻ ملهايو مولابخش مشوري کي پيار مان ڀائو مولابخش سڏيو ويندو هو.
هتي آئون صرف ڀائو مولابخش مشوريءَ جي هارين لاءِ جهدوجهد ۽ انهن جي تنظيم سازيءَ تي روشني وجهندس، MRD 1983ع جي تحريڪ ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو نظرياتي لڏو جيل ۾ هو، ضياءَ شاهيءَ جو ظلم ورڪرن تي چوٽ تي هو، انهيءَ وقت ورڪرن جا جذبا وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ ٿيا اتي هنن پاڻ ۾ انهن سياسي قيدين جيل ۾ ڪچهرين دوران فيصلو ڪيو ته پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان هارين جي لاءِ هڪ الڳ ذيلي ونگ ٺاهي وڃي، اهي تجويزون مرڪزي قيادت تائين پهتيون، انهيءَ کان پوءِ قيادت جي صلاح ۽ رهنمائي سان شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جي هدايت مطابق پيپلز هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وڌو ويو، سنڌ جو پهريون ڪنوينر مولابخش چانڊيو صاحب مقرر ٿيو.
خدا ڄاڻي ڪهڙين مجبورين يا مصروفيتن جي ڪري مولابخش چانڊيو صاحب تنظيم کي آرگنائيز نه ڪري سگهيو،. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه نظرياتي ورڪرن مرڪزي قيادت کي اها صلاح ڏني ته پيپلز هاري ڪميٽي جي ڪنوينرشپ جيڪڏهن ڀائو مولابخش مشوري کي ڏني وڃي ته شايد هو تنظيم کي بهتر نموني آرگنائيز ڪري سگهي ٿو، محترمه شهيد بينظير صاحبه انهي ڳالهه تي غور ڪندي 9 سيپٽمبر 1985ع تي سنڌ جي هارين جي قيادت ڀائو مولابخش مشوري جي حوالي ڪئي ۽ سنڌ جو مرڪزي ڪنوينر مقرر ڪيو. ڀائو مولابخش مشوري سنڌ جو دورو شروع ڪيو، سنڌ جي هروستي هر واهڻ وڃي يونين ڪائونسلن، تعلقن ۽ ضلعن تي ڪنوينر مقرر ڪيا. انهيءَ کان پوءِ ديهن کان وٺي ميمبر شپ شروع ڪئي، جنهن ميمبرشپ جو تقريبن تعداد هڪ لک جي ويجهو پهتو، اها بلڪل منظم طريقي سان ٿي، جنهن ۾ ميمبرشپ فارم به ڀريا ويا ۽ هر ميمبر کي هڪ ميمبرشپ ڪارڊ اشو ڪيو ويو.
انهيءَ کان پوءِ ڪجهه سڄاڻ دوستن سان گڏجي ڀائو مولابخش مشوري پيپلز هاري ڪيمٽي جو آئين ۽ منشور مرتب ڪيو، جيڪو ننڍن ڪتابچن جي صورت ۾ ڇپرائي ميمبرن جي حوالي ڪيو ويو. انهي کانپوءِ يونين ڪائونسلن جي ليول تي تربيتي پروگرام ڪيا ويا جنهن ۾ ميمبرن کي هاري ڪميٽي جي منشور ۽ آئين جي ڄاڻ ڏني وئي انهيءَ کان پوءِ هر ضلعي ۾ ڪنوينشن ڪرايا ويا ، انهي دوران پيپلز هاري ڪميٽي جي چٽي نمائدندگي لاءِ جهنڊو ٺاهيو ويو. اهو ايئن ٿيو جو پ پ جي ٽرنگي جهنڊي کي هيٺان سفيد پٽي رکي وئي ۽ انهيءَ اڇي پٽيءَ تي هر ڪاهيندڙ هاريءَ جو مونوگرام ٺاهي انهيءَ اڇي پٽيءَ تي لڳايو ويو سنڌ ۾ هارين جي گهرن تي اهي سپهڪ جا جهنڊا ڦڙڪڻ لڳا.
اها سڄي رپورٽ جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه کي پهتي ته اها انتهائي خوش ٿي، ڀائو مولابخش مشوري بينظير ڀٽو صاحبه کي چيو ته هاڻي اسان مرڪزي هاري ڪانفرنس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اهو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿي، انهيءَ کان پوءِ ڀائو مولابخش مشوري سپهڪ جو مرڪزي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ ضلعن جا ۽ تعلقن جا ڪنوينر گهرايا ويا.
اهو جون 1986ع جو پهريون هفتو هو، گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو. 26 جون 1986ع تي هاري ڪانفرنس گهرائي ويندي جنهن ۾ صرف سنڌ پيپلز هاري ڪميٽيءَ جا ميمبر شريڪ ٿيندا ۽ ڪجهه سپاف يوٿ ۽ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ هوندا ۽ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪانفرنس جي صدارت ڀائو مولابخش مشوري ڪندو ۽ مهمان خاص شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هوندي.
ڪنوينشن جي جڳهه ڀائو مولابخش مشوري جي ڳوٺ هٽڙي مقرر ٿي. ضلعي ۽ تعلقي جي ڪنوينرن کي هدايت ڪئي وئي ته وڃي تياري ڪن، انهيءَ کان پوءِ سڄي تنظيم متحرڪ ٿي وئي دعوت نامه ڇپرايا ويا ۽ هاري ڪانفرنس کي ڪيئن منظم ڪيو ويندو ۽ ترتيب ڪهڙي هوندي انهيءَ جي تياري شروع ٿي.
انهيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته هاري ڪانفرنس جي صدارت مرڪزي ڪنوينر ڀائو مولابخش مشوري ڪندو ۽ مهمان خاص شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هوندي.، سپاس نامو غلام علي لغاري پيش ڪندو ۽ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض يعقوب خاصخيلي ادا ڪندو.
هڪ استقباليه ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ هيٺيان دوست مقرر ٿيا؛
سيد ڪرم علي شاهه 2- غلام علي لغاري، 3- مسڪين شورو، 4- رحيم بخش شر، 5- گل جوڻيجو (ٽندوآدم) ، 6- آفتاب عالم شورو. 7- مصري مجاهد پلي، 8- مولابخش لغاري، 9- عبدالله خان مشوري 10- محرم خان چانڊيو.
انهيءَ کانسواءِ هڪ انتظاميه ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ هيٺان دوست نامزد ڪيا ويا؛
عبدالرسول پلي 2- الله ورايو شر 3- حاجي عبدالرشيد چانڊيو4- عبدالرحمان کوسو 5- نياز حسين بليدي 6- محمد صالح ٻرڙو 7- حاجن خان مغل، 8- الله بخش مشوري 9- پيار علي خواجه 10- عبدالخالق مشوري.
سيڪيورٽي فورس پڻ آرگنائيز ڪيو ويو جنهن ۾ هيٺيان ان وقت نوجوان دوست نامزد ڪيا ويا؛
سيد ڀورل شاهه 2- شفن خان لغاري 3- سعيد خان بروهي 4- حبيب الله راڄپر 5- عبدالسلام شاهه 6- غلام رضا مري 7- سجاول مشوري 8- فيض احمد کوسو 9- عبدالرحمان ميربحر 10- محمد اسماعيل ڪلهوڙو 11- محمد ايوب ڏاهري 12- دادن خان مشوري 13- محمد عرس مشوري 14- غلام حسين مشوري 15- غلام نبي صحيبچو 16- لعل بخش مشوري 17- اڪبر ملاح 18- زمان علي شاهه 19- محمد الياس ڏاهري 20- محمد جعفر سولنگي.
هاري ڪانفرنس ۾ اسان اهو سوچيو هو ته سپهڪ جا ميمبر ۽ ڪجهه مهمان گهرائينداسين پر عوام جڏهن شهيد راڻي جو ٻڌو ته ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ سڀ رڪاوٽون ٽوڙي ڪنويشن هال ۾ اندر داخل ٿي ويا. شريڪ چيئرپرسن کان سواءِ جن رهنمائن شرڪت ڪئي انهن ۾ مخدوم خليق الزمان، بيگم اشرف عباسي، بيگم شميم N.D خان، پرويز علي شاهه، قاضي محمد بخش ڌامراهه ، ڊاڪٽر صفدر عباسي، قائم علي شاهه، شگفته جماڻي، بيگم رقيه سومرو، ستار بچاڻي، عبدالسلام ٿهيم، مظهر بلوچ، علي گوهر شاهه، اشفاق صديقي، امير علي ايري، فقير عنايت هيسباڻي ۽ سرحد صوبي جو اڳواڻ شير افگن پٺاڻ به شامل هئا.
تقريب جي شروعات کان پهرين اسٽيج تي ڪجهه ورڪر جو اختلاف ٿي پيو. پيپلز پارٽي مدورنگ جي دوستن چاهيو ٿي ته ڪانفرنس جي صدارت سنڌ جو صدر مخدوم خليق الزمان ڪري پر اسان پيپلز هاري ڪميٽي جي دوستن جو فيصلو ٿيل هو ته صدارت اسان جو مرڪزي صدر ڀائو مولابخش مشوري ڪندو اها ڳالهه جڏهن بيظير ڀٽو صاحبه تائين پهتي ته محترمه اسان جي ڳالهه جي حمايت ڪئي ته هي هاري ڪانفرنس آهي هن جي صدارت هاريءَ ڪميٽي جو صدر ئي ڪري سگهي ٿو، ان کان پوءِ پروگرام جي شروعات ٿي اسٽيج سيڪريٽري غلام علي لغاري، (مون کي) سپاس نامي پڙهڻ جي دعوت ڏني ۽ پوءِ ڀائو مولا بخش مشوري صدارتي خطاب ڪيو ۽ مختلف رهنمائن تقرريرون ڪيون ۽ ان کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه سنڌي ۾ تقرير ڪئي جيڪا ڀائو مولابخش مشوري جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل هئي ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي سنڌيءَ ۾ تقرير جي شروعات هٽڙيءَ جي هاري ڪانفرنس مان ٿي هي هڪ ڪامياب هاري ڪانفرنس ثابت ٿي جنهن ۾ هارين جي حقن بابت پيغام گورنمينٽ ۽ ميڊيا تائين پهچايو ويو.
ڀائو مولابخش مشوري تقرير دوران ڪجهه قراردادون پيش ڪيون جيڪي هارين جا بنيادي حق هئا، اهي هي آهن. 1- سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو ڏنو وڃي، 2- شگرملن ۽ هارين جي نالن تي کاتا کوليا وڃن، 3- ڀاڻ ۽ زرعي دوائن ۾ جيڪا رعايت ضياءَ حڪومت جي طرفان ختم ڪئي وئي هئي انهيءَ جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو ويو. 5- هارين جي ٻارن کي مفت تعليم جي لاءِ يونيورسٽيءَ ليول تائين بندوبست ڪيو وڃي 6- هارين کي مفت علاج جي سهولت ڏني وڃي، 7- ليبر ڪورٽن وانگر هاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن، 8- سنڌ مان حاصل ٿيندڙ معدنيات جي رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي، 9- سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ختم ڪئي وڃي، 10 زرعي جنسن جو اگهه وڌائي، فصلن کي انشورنس ڪيو وڃي.
انهن قرادادن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ عوام متفق طور بحالي جي لاءِ هٿ لوڏي مطالبي جي حمايت ڪئي، اهڙي طرح هي سفر ڀائو مولابخش مشوري جي قيادت ۾ جاري رهيو ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ ڀائو مولابخش مشوري ڪافي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو. اڄ به پيپلز هاري ڪميٽي جو وجود قائم آهي ۽ هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي پر اسان جو محبوب اڳواڻ جنهن هن تنظيم اوج ڏنو، اهو اڄ اسان ۾ ناهي پر ان جي جدوجهد زنده ۽ جاويد آهي ۽ اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي.