احمدپور (ن پ ا) ميان خان پل ڀرسان بوتلن جي واپارين ذيشان شيخ ۽ طاهر شيخ کان ھٿيار بند روڪ رقم ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن ۔ ان ڏس ۾ نوجوان ذيشان شيخ ٻڌايو ته 2 موٽر سائيڪل سوارن روڪي فصلن ۾ گھلي ھٿ پير ٻڌي تشدد کان پوءِ 70 ھزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن، وڏا مهيسر پوليس کي اطلاع ڏنو آهي.