ڊگھڙي/ٽنڊو جان محمد (نمائندن وٽان) ڊگهڙي شهر جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت آپريشن دوران فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جا الزام، وارثن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه، ڊاڪٽرن سان منهن ماري، ڊگهڙي شهر جي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ ٽنڊو جان محمد جي رهواسي سروپچند مالهي جي گهر واري ڳورهاري عورت ڪومل کي سندس مائٽ ڊگهڙي واسي ماستر گووند مالهي ويم ڪرائڻ لاءِ 3 ڏينهن اڳ وٺي آيا، جتي آپريشن ذريعي کيس پٽ جو اولاد ٿيو، آپريشن بعد عورت جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ رت بند نه ٿيڻ ڪري سندس ٻيهر آپريشن ڪيو ويو جنهن بعد عورت فوت ٿي وئي. جنهن تان مڇرجي فوتي عورت جي وارثن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڊاڪٽرن سان منهن ماري ڪئي، انهيءَ حوالي سان فوتي عورت جي وارثن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن ڪوبه موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي طرف ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته عورت جو آپريشن سندس وارثن جي اجازت کانپوءِ ڪيو، آپريشن بعد عورت هوش ۾ نه آئي ۽ فوت ٿي وئي. ٻنهي ڌرين پاران آخري اطلاعن تائين ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ فوتي عورت جو لاش سندس وارث گهر کڻائي ويا.