راڻيپور (ن پ ا) ابل واھ ۽ درازا مائينر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو، آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي. تفصيل موجب ابل واھ ۽ درازا مائينر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف غلام اصغر وساڻ، نبي بخش ڪلهوڙو، نماڻو سرڪي ڪائونسلر فياض عباسي،  سائين بخش شاھاڻي، نادر وساڻ، امان الله ايري، نورمحمد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ آبادگارن احتجاجي مظاھري بعد نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته درازا مائينر ۽ ابل واھ جي پوڇڙي جي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، پاڻي اڻاٺ سبب ڳوٺ بچل شاھاڻي، علي آباد وساڻ، ڳوٺ واطڻي وڏا، ڳوٺ جمال سولنگي، ڳوٺ فتح علي شاھاڻي، سالاري سولنگي ۽ ڀرپاسي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آھي. پاڻي جي شديد کوٽ سبب ونئڻن، جوئر ۽ ڪمند جا فصل سڪي سڙي رھيا آھن. هنن جو چوڻ هو ته ابل واھ جي گذريل ٽن سالن ۾ کاٽي نه پئي ڪرائي وڃي. صرف ڪاغذي ڪارروائي ۾ کاٽي ڏيکاري ڪامورا ڪروڙين رپيه ھڙپ ڪري وڃن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته ابل واھ ۽ درازا مائينر جي کاٽي ڪرائي آباگارن جي فصلن کي بچايو وڃي.