هڪ چٺي هيلٿ ڊپارٽمينٽ سنڌ ڏانهن!

گورنمينٽ آف سنڌ مفت موبائيل اسپتال سروس ضلعي مٺي جي طرفان ڳوٺ کوهي مورا پهتي، هن ٽيم جو انچارج ڊاڪٽر جاويد ڀٽي هو ان سان گڏ هڪ ليڊي ڊاڪٽر ۽ لوئر اسٽاف جو عملو پڻ گڏ هو، جڏهن ته هن ڳوٺ ۾ 80 جي لڳ ڀڳ مريض گڏ ٿيا، دوائن جو ذخيرو گهڻو آندو ويو هو پر مريضن کي 5 گوريون ۽ هڪ هڪ سيرپ ڏنو ويو، ان بابت انچارج ڊاڪٽر صاحب کي  ڳوٺاڻن وڌيڪ دوائون ڏيڻ جي اپيل ڪئي پر انچارج صاحب ڳوٺاڻن جي هڪ به ڳالھ نه ٻڌي سوشل ميڊيا جي ڪنهن نمائندي ڊاڪٽر صاحب کان هنن دوائن بابت ڪجھ پڇڻ چاهيو ٿي پر ڊاڪٽر صاحب ٻڌائڻ کان صاف انڪار ڪيو. سنڌ حڪومت جي ايڏي وڏي کاتي ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽرن طرفان ڳوٺن ۾ اهڙو نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ حڪومت جو پئسو آخر ڪيڏانهن ويندو؟ جڏهن ته گاڏي ۾ ميل سائيڊ تي الٽرا سائونڊ ۽ ٽيسٽ مشيون وغيره موجود هيون پر  انهن جو ڪو به استعمال نه ڪيو ويو اسان هن چٺي وسيلي هيلٿ ڊپارٽمينٽ سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ڊي ايڇ او مٺي صاحب جن کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن فرسوده آفيسرن کي هٽائي سٺا ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ۽ اهڙيون ٽيمون نئين سر ڳوٺن ۾ مقرر ڪيون وڃن.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎‎

سنڌ پوليس ۽ ڪشمور جو حالتون!‎‎

ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ھاڻي پوليس عملدارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ تائين وڃي پھتي آهي، مان بطور ھڪ عام شھري سنڌ پوليس خاص ڪري ڪشمور پوليس جي سڀني ڪانسٽيبلز ھيڊ ڪانسٽيبلز لوئر رينڪ جي عملدارن کي گذارش ڪندس ته پنهنجا ھٿيار ۽ وردي ھيڊ آفس ڪنڌڪوٽ ۾ جمع ڪرائي احتجاج ڪن، جيستائين ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جامع پلان تيار نٿو ٿئي خدارا پنهنجي ٻچن کي يتيم نه بڻايو جيڪڏهن ڪنهن جامع پلان تحت ڏوھارين سان وڙھندي شھيد ٿيو ته پوءِ اوھان جي شھادت به سجائي آ، باقي ايئن اوھان جي مٿان حملا ٿيندا رھن اوھان جا هٿيار ڏوھاري کڻي وڃن اھا ھڪ اداري جي به تذليل آهي ۽ قيمتي جان به ضايع ٿي، جيڪڏهن ڪشمور پوليس کي منهنجي تجويز صحيع لڳي ته عمل ڪن ۽ ڪنهن خوف خطري کان سواءِ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين. سنڌ پوليس سربراھ کي عرض ڪنداسين ته خدار پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي عزت خاطر ئي ڪو قدم کڻو، ڪشمور جو عوام خوف ۽ حراس ۾ وڪوڙيل آهي، ھاڻي پوليس جي لوئر رينڪ جا عملدار ڪانسٽيبلز ھيڊ ڪانسٽيبلز، حوالدار جيڪي لوڪل سطح تي پوليس پڪٽن تي ڊيوٽي ڪن پيا اھي پڻ ڊپ ۾ ورتل آهن. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب ڪجھ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي وارثي ڪيو ٻن ڏينهن اندر مختلف ٽارگيٽڊ حملن ۾ پوليس جا ٽي جوان شھيد ٿي ويا آهن، انهن شھيدن جا به ٻچا آهن، پوڙھا لاچار ضعيف والدين آهن، خدا اسان سڀني جي حفاظت فرمائي.

علي گل باجڪاڻي/ غوثپور

امتحانن دوران ڪاپي جي ڌوم متل آهي؟‎‎

ضلعي دادو هي جوھي کان لڳ ڀڳ 25 ڪلوميٽر پري يوسي واھي پانڌيءَ شھر واقع آھي، جتي واهي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ امتحان ھلندڙ آھن، واھي پانڌي ھاءِ اسڪول ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي، انٽرنل ابوذر پنهور پاران شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ جي ڇوٽ مليل آهي، جتي شاگرد اسڪول کان ٻاهر اوطاقن، هوٽلن ۽ گهرن ۾ ويھي ايجنٽن جي معرفت ڪاپي ڪرائي رھيا آھن. تعليم جا دشمن ڪجھه ايجنٽ پئسن جي بدران ڪاپي ڪري شاگردن کي امتحانن ۾ پاس ڪرائيندا آهن ۽ سرعام تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي رھيا آھن، جڏھن ته سينٽر لاءِ رکيل ايڪسٽرنل موسيٰ جمالي پاران مختلف اوطاقن ھوٽلن ۽ سڪول کان ٻاهر ڪاپي ڪندڙ شاگردن کان ڪاپيون ڦري ڪاپيون رد ڪيون ويون. ايڪسٽرنل جي اهڙي ڪارروائي بعد انٽرنل ابوذر پنهور واھي پانڌيءَ جي صحافين تي ڏمرجي پيو، ان موقعي تي سينٽر ايڪسٽرنل محمد موسيٰ جمالي چيو ته انٽرنل ۽ انتظاميه هٿ سان شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ ۽ سينٽر جو ماحول خراب ڪرڻ ۾ مصروف آھن اڄ واھي پانڌيءَ جي شھرين ۽ والدين  جي شڪايت تي مون اهڙي قسم جو قدم کڻي شاگردن کي امتحان جا ڪاپيون رد ڪيون آهن. تعليم سان هي ڪهڙو ڀوڳ آھي، ٻئي پاسي ضلعي دادو بورڊانتظاميا اگهور ننڊ ستل آهي، هڪ ته اسڪولن ۾ پڙھائي ناهي، ٻيو شاگردن جي اهڙي تربيت پيا ڪن، افسوس اهڙي عملي تي. سموري سنڌ جي ته تعليم تباھ ڪري ڇڏي اٿو، نااهل ڪرپٽ آفيسرن سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ اسان تعليم واري وزير کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن واھي پانڌيءَ جي شاگردن کي سٺي نموني سان تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي.

امتياز احمد لغاري/ يوسي واھي پانڌي

موبائل فونز جي ٽيڪنالاجي آھي ڇا؟

موبائيل ڊوائيسز اسان جي زندگي جي مختلف رخن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. تعليمي نظام ۾ موبائيل ٽيڪنالاجي اهم رفتار پڪڙي آهي، شاگردن جي سکڻ ۽ استادن کي هدايتون پهچائڻ جي طريقي کي تبديل ڪندي موبائيل ڊوائيسز، جهڙوڪ اسمارٽ فونز ۽ ٽيبلٽس، شاگردن ۽ استادن ٻنهي لاءِ فائديمند ۽ موقعن جو وسيع سلسلو پيش ڪن ٿا. شاگرد پنهنجو موبائيل پاڻ سان گڏ کڻي سگهن ٿا، سکيا جا موقعا ڏيڻ جي اجازت ڏئي روائتي ڪلاس گھر ۾ بس ۾ يا لائبريري ۾، شاگرد پنهنجي سهولت تي تعليمي وسيلن، انٽرويوز، ايپليڪيشنن تائين رسائي ڪري سگهن ٿا. موبائيل ڊوائيس پڻ وسيع انگ ۾ تعليمي مواد تائين رسائي فراهم ڪري ٿي. ڪيتريون ئي تعليمي ايپس، اي ڪتاب، ۽ آن لائن پليٽ فارم پيش ڪن ٿا. مضمونن جي مخصوص وسيلن، سبق ۽ انٽرويو مشقن جي وسيع رينج. شاگرد مختلف سکيا واري مواد کي ڳولي سگهن ٿا، ملٽي ميڊيا مواد تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. معلومات جو هي خزانو مختلف سکيا جي اندازن کي پورو ڪري ٿو. ان کان سواءِ موبائل ڊوائيس شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار کي سولو بڻائي ٿي. تعليمي ايپس ۽ پليٽ فارمن ۾ اڪثر خاصيتون شامل هونديون آهن جهڙوڪ بحث مباحثو، حقيقي وقت جي پيغام ۽ وڊيو ڪال، جيڪي شاگردن کي پنهنجن ساٿين ۽ استادن سان ڳنڍڻ جي قابل بڻائيندا آهن. گروپ بحث ۽ ورچوئل ڪلاس رومز وڌيڪ پهچ وارا، ان کان سواءِ موبائيل ڊوائيسز تائين برابر رسائي ۽ قابل اعتماد انٽرنيٽ ڪنيڪشن تي غور ڪيو وڃي ته جيئن ڊجيٽل ڊويزن جي واڌ کي روڪڻ لاءِ تعليمي ادارن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته موبائل ٽيڪنالاجي تائين برابر پهچ فراهم ڪن ۽ انهن شاگردن جي مدد ڪن جن وٽ گهر ۾ ذاتي ڊوائيس يا انٽرنيٽ جي رسائي نه هجي. ٽيڪنالاجي شاگردن کي بااختيار بڻائي سگهي ٿي، ذاتي سکيا جي تجربن کي هٿ ڏئي سگهي ٿي.

عبدالحفيظ ڪنڀر/ سانگھڙ

ٻوڏ متاثر ماروئڙا اٽي، لٽي ۽ اجھي لاءِ دربدر بڻيل

سپريو بند تي 100 کان وڌيڪ گهرن تي ٻڌل ڳوٺ محمد يعقوب سولنگي جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم توڙي تڪ مان چونڊيل نمائندا وٽن لڙي ناهن آيا، جنهن ڪري سندن واهر ناهي ٿي سگھي، سخت گرمي ۽ اجها نه هجڻ سبب ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذارڻ باوجود به ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ ترسيل آهن، مھا ٻوڏ کي 9 مھينا گذرڻ باوجود ٽائيم نيوز ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي ٽيم سندن وٽ پھتي ته عورتن توڙي مردن ۽ معصوم ٻارڙن روئيندي اٽي، لٽي ۽ اجھي جي گھر ڪئي، ڳوٺاڻن قربان سولنگي، پپو سولنگي، مسمات حسنه، مسمات سڀائي، شيراز سولنگي ۽ ٻين موجب گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ھڪ ويلي جي ماني به کائڻ لاءِ پريشان آهيون، سخت گرمي سبب اجھا نه ھجڻ ڪري پلاسٽڪ جي اجھن ۾ زندگيءَ جا ڏينھن پورا ڪري رھيا آھيون. معصوم ٻار بيمار آهن، دوا ڪيئن وٺون؟ نه ئي وري ڪي ڪرائي جيترا پئسا آهن جو اسپتال پهچي سگهون. سرڪار گهرن ٺاهڻ جا اعلان ڪندي رهي آهي پر هن وقت تائين سرڪار جي اعلانن تي عمل ناهي ٿي سگهيو، سرڪاري سروي لاءِ به پئسا طلب ڪيا پيا وڃن گهر ڊهڻ کان پوءِ جانيون بچائي نڪري سپريو بند تي پناهه ورتي آهي، گهر توڙي مَنهن ٺاهڻ جي به وسعيت نه رھي آھي علائقي جي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا به ڪا واھر نه ڪري سگھي آھي. ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار توڙي عالمي ادارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جي حالت تي رحم کائي اسان کي اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏئي اسان جون زندگيون بچائي اسان جي واهر ڪئي وڃي.

عبدالرحمن قمبراڻي/ ميھڙ

ڪاپي ڪلچر اسان جي

تعليم کي ڪٿي پھچائيندو؟‎‎

سنڌ حڪومت ھر سال تعليم کاتي تي اربين روپيا خرچ ڪري ٿي، اربين رپين جي بجيٽ ۾ استادن جون پگھارون تعليمي ادارن جون عمارتون، فرنيچر، اسٽيشنري، بجلي، سولر، پاڻي ۽ مفت ڪتابن جي ڇپائي اعليٰ عھديدارن جون پگھارون انھن جي گاڏين جا خرچ وغيره شامل آهن، ان کان سواءِ ان ڪرپشن جو ڌنڌو الڳ ئي ڪيس آهي. سڄو سال ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري ته ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ جي باوجود اسڪولن ڪاليجن تي ڪو به چيڪ اينڊ بئلينس نه آهي. تعليم تي سختي جو ڊرامو صرف امتحانن جي موسم ۾ ٿئي ٿو، ان دوران هٿ ٺوڪيا تعليمي عھديدار امتحاني سينٽرن تي پيا ڇاپا ھڻندا ۽ ھڪ اڌ ڪاپي ڪيس ڪري نالو ڪڍرائيندا آهن، اھي ئي اعليٰ عھديدار سڄو سال ننڍون ڪندا آهن، انهن جي هٿ ٺوڪين ڇاپن سان نه ته ڪاپي رڪجندي آهي ۽ نه ئي اسان جي فرسوده تعليمي نظام ۾ ڪا خاطر خواھ تبديلي ايندي آهي، پر ڪاپي سان پاس ٿي ڊگريون کڻي ھلندڙ بيروزگارن جي ھڪ زبردست فوج تيار ٿيندي جيڪا سماج تي وڏو بار ھوندي. ان ڪري بھتر ته اھو ٿيندو جو تعليم کاتي ۾ انقلابي تبديلي آڻي ان کي ٺيڪ ڪجي، استاد شاگرد اسڪول ۽ والدين کي پابند ڪجي ته اھي پنهنجي پنهنجي ذميواري سھڻي نموني نڀائين جيڪي قائدا قانون ۽ پاليسيون تعليم جي ترقي لاءِ رنڊڪ بڻيل آهن انهن کي پوري طاقت سان ختم ڪيو وڃي.

مدثر حسين خاصخيلي/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي