آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن قائم

0
248

اسلام آباد: وفاقي سرڪار آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي

جڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق شامل آهن

 ٽي او آرز موجب جڊيشل ڪميشن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي آڊيو ليڪ جي جاچ ڪندي

جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي بينچ آڏو ڪيس مقرر ڪرڻ بابت پرويز الاهي ۽ وڪيل جي مبينا آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪندي، جڊيشل ڪميشن چيف جسٽس ۽ هڪ وڪيل جي مبينا آڊيو ليڪ جي به جاچ ڪندي

حڪومت جي تيار ڪيل ٽي او آرز موجب جڊيشل ڪميشن عمران خان جي پنهنجي پارٽي اڳواڻ سان سپريم ڪورٽ ۾ لاڳاپن بابت ٿيل مبينا ڳالهه ٻولهه جي جاچ به ڪندي

جڊيشل ڪميشن چيف جسٽس جي سس ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪس جي به جاچ ڪندي

 قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آڊيو ليڪس سپريم ڪورٽ جي ساک کي متاثر ڪيو آهي، آڊيو ليڪس جي جاچ ڪرائڻ وفاقي سرڪار جو اختيار آهي

هن کي به پڙهندا

آمريڪا تي حڪومت ڪيرائڻ جا الزام هڻندڙ عمران خان آمريڪا کان ئي مدد گهري ورتي