واشنگٽن/ماسڪو(م ڊ) آمريڪا ۽ روس ۾ سفارتي جنگ تيز ٿي وئي آهي، آمريڪا روس تي وڌيڪ پابنديون لڳائيندي 10 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته روس به ڀرپور جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪا جي صدر جو بائيڊن انتظامي حڪم تي صحيح ڪري روس تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن ۽ 10 سفارتڪارن کي نيڪالي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، اهو فيصلو روس پاران آمريڪي ايجنسين خلاف هيڪنگ جون ڪارروائيون ڪرڻ ۽ صدارتي چونڊ ۾ مداخلت سبب ڪيو ويو آهي. الزام آهي ته روسي هيڪرن آمريڪي ايجنسين تي سوين حملا ڪيا ۽ سافٽ ويئر هيڪ ڪيا. پابندين جو اعلان ڪندي وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ان سان اهو پيغام ويندو ته روس اهي سرگرميون جاري رکيون ته کيس معاشي ۽ اسٽريٽجي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. روس انهن الزامن کي رد ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ٽوئيٽ ۾ چيو ته روس کي سندس عملن جي سزا ڏني وئي آهي روس کي سندس ناڪاري عملن تي جوابده بڻائيندا رهنداسين. ٻئي طرف آمريڪي سي آءِ اي جو چوڻ آهي ته روس افغان طالبان کي آمريڪي فوجين تي حملا ڪرڻ لاءِ پئسا پڻ ڏنا آهن، ان جو جواب سفارتي، فوجي ۽ انٽيليجنس چينلن وسيلي ڏنو پيو وڃي. انهن قدمن جي ڪري بائيڊن – پيوٽن ملاقات جو امڪان ختم ٿي رهيو آهي جيڪا ڪجهه هفتن اندر ٿيڻي آهي، روس جو چوڻ آهي ته پابندين جي ڪري اهڙي ملاقات ۾ مدد نه ملندي، روس آمريڪي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري پابنديون لڳائڻ کان باز رهڻ جو چيو.