ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور مذهبي عالم عون محمد نقوي لاڏاڻو ڪري ويو، خانداني ذريعن موجب مولانا عون محمد ايس آءِ يو ٽي ۾ علاج هيٺ هو، سندس ميت کي امام بارگاهه پراڻو گوليمار منتقل ڪيو ويو آهي، هو جعفريه الائنس جي سپريم ڪائونسل جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سندس وفات تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي