آصف زرداري جرئت سان گرفتاري ڏني، عمران ڇو فرار ٿي رهيو آهي؟ شيري رحمان

0
184
آصف زرداري جرئت سان گرفتاري ڏني
آصف زرداري جرئت سان گرفتاري ڏني، عمران ڇو فرار ٿي رهيو آهي؟ شيري رحمان

وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته قانون جي حڪمرانيءَ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو ته هو گهر ۾ نه آهي، آصف زرداري ۽ ٻين سياستدانن ڪوڙن ڪيسز ۾ جرئت ۽ حوصلي سان گرفتاري ڏني هئي

پنهنجي ٽويٽس ۾ چيو ته عمران خان عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي روڪڻ لاءِ هر ڀيري ڪارڪنن جي پويان لڪي وڃي ٿو

هن چيو ته عمران خان گرفتاريءَ کان ايترو ڊنل آهي جو پوليس کان ذاتي طور عدالتي نوٽيس به نه ٿو وٺي

شيري رحمان چيو ته گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ زمان پارڪ ۾ لڪي ويٺل آهي، نوٽيس کڻي پهتل پوليس کي سندس خالي ڪمرو ڏيکاريو ويو