مظفرآباد، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور (نمائندن وٽان) آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف 23 سيٽون کڻي ميدان ماري وئي، پيپلزپارٽي 6 ۽ نواز ليگ 5 سيٽن تي ڪامياب، مسلم ڪانفرنس ۽ آزاد اميدوار هڪ، هڪ سيٽ کٽي ورتي. آزاد ڪشمير جي قانونسازي اسيمبلي جي 45 تڪن تي عام اليڪشن جي حوالي سان ووٽنگ ٿي، 33 سيٽن تي آزاد ڪشمير ۾ جڏهن ته 12 سيٽن تي ملڪ جي چئني صوبن جي مختلف شهرن ۾ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڪشميري عوام ووٽ جو حق استعمال ڪيو. ووٽنگ کانپوءِ غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجا سامهون آيا آهن، رات دير تائين 45 تڪن مان 36 تڪن جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون آيا. ڪامياب اميدوارن جي حامين پاران جشن ملهايو ويو، جهمريون هڻي مٺائي پڻ ورهائي وئي. غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب ايل اي 1 ميرپور ون ۾ تحريڪ انصاف جو چوڌري اظهر صادق 14233 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، نواز ليگ جي چوڌري مسعود خالد 7609 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، ايل اي 3 ميرپور ٿري ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار سلطان محمود چوڌري 18462 ووٽ کڻي کٽي ويو، نواز ليگ جو چوڌري محمد سعيد 15343 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ايل اي 4 ميرپور فور ۾ تحريڪ انصاف جو چوڌري ارشد حسين 24752 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو چوڌري رخسار احمد 20889 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 5 ڀمڀير 1 ۾ نواز ليگ جو ڪرنل (ر) وقار احمد نور 21799 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جو چوڌري پرويز اشرف 15583 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 6 ڀمڀير 2 ۾ تحريڪ انصاف جو علي شاهه 22320 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو مقصود احمد خان هارائي ويو، ايل اي 7 ڀمڀير ٿري ۾ تحريڪ انصاف جو چوڌري انورالحق 33 هزار ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، نواز ليگ جو چوڌري طارق فاروق ٻئي نمبر تي رهيو، ايل اي 8 ڪوٽلي ون ۾ تحريڪ انصاف جو ظفر اقبال 17 هزار 300 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، مسلم ڪانفرنس جو نواز خان هارائي ويو، ايل اي 10 ڪوٽلي 3 ۾ پ پ جو چوڌري ياسين 9562 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پي ٽي آءِ جي ملڪ يوسف 9376 ووٽ کنيا، ايل اي 11 ڪوٽلي 4 ۾ تحريڪ انصاف جو چوڌري اخلاق 23 هزار ووٽ کڻي کٽي ويو، نواز ليگ جو راجا نصير 21 هزار ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 12 ڪوٽلي 5 ۾ پ پ جو چوڌري ياسين 19 هزار ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، پي ٽي آءِ جو اميدوار شوڪت فريدي 15551 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 14 باغ 1 واري سيٽ مسلم ڪانفرنس کڻي وئي، مسلم ڪانفرنس جو اميدوار سردار عتيق 29561 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پي ٽي آءِ اميدوار ميجر (ر) لطيف خليق 13429 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو، ايل اي 15 باغ 2 ۾ پي ٽي آءِ جو سردار تنوير 19825 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جو سردار ضياءُ ساڍا 14 هزار ووٽ کڻي سگهيو، ايل اي 17 باغ 4 ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار فيصل ممتاز 24991 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، نواز ليگ جو چوڌري محمد عزيز 14135 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 18 پونڇ ۽ سدهنوتي 1 ۾ تحريڪ انصاف جو سردار عبدالقيوم نيازي 24829 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو چوڌري ياسين 16112 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ايل اي 19 پونڇ ۽ سدهنوتي 2 ۾ ۾ نواز ليگ جو سردار عامر 13413 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پ پ جي سعود بن صادق 12517 ووٽ کنيا، ايل اي 20 پونڇ ۽ سدهنوتي 3 ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار سردار يعقوب 11320 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو سردار عبدالرشيد 4891 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، ايل اي 21 پونڇ ۽ سدهنوتي 4 ۾ پيپلزپارٽي جو سردار حسن ابراهيم 8203 ووٽ کڻي کٽي ويو، نواز ليگ جو طاهر انور 6065 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ايل اي 24 پونڇ ۽ سدهنوتي 7 ۾ تحريڪ انصاف اميدوار فهيم اختر رباني 28103 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، نواز ليگ جو سردار فاروق طاهر 24502 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، ايل اي 25 وادي نيلم 1 ۾ نواز ليگ ميدان ماري ورتو، ليگي اميدوار شاهه غلام قادر 16789 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، تحريڪ انصاف جي سردار گل خندان 12022 ووٽ کنيا. ايل اي 26 وادي نيلم 2 ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار ميان عبدالوحيد 18870 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، تحريڪ انصاف جو راجا الياس 13294 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي آيو، ايل اي 29 مظفرآباد 3 ۾ پي ٽي آءِ جي خواجا فاروق 10004 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو افتخار گيلاني 7669 ووٽ کنيا. ايل اي 30 مظفرآباد 4 ۾ پي ٽي آءِ جو چوڌري رشيد 17756 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، پ پ اميدوار مبشر منير 12247 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، ايل اي 34 ڄمون 1 ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار چوڌري رياض 4559 ووٽ کڻي فتح حاصل ڪئي، نواز ليگ جو ناصر حسين ٻئي نمبر تي رهيو. ايل اي 36 سيالڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جو صاحبزاده حامد رضا 22094 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته نواز ليگ جو چوڌري محمد اسحاق 20467 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو. ايل اي 37 ڄمون 4 ۾ تحريڪ انصاف اميدوار اڪمل 25963 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، نواز ليگ جو صديق 24508 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 38 ڄمون 5 ۾ تحريڪ انصاف ميدان ماري وئي، پي ٽي آءِ اميدوار اڪبر ابراهيم چوڌري 14264 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو، نواز ليگ جي چوڌري ذيشان يونس 8754 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو. ايل اي 39 ڄمون 6 ۾ نواز ليگ ميدان ماري وئي، ليگي اميدوار راجا صديق 6048 ووٽ کڻي فتح حاصل ڪئي، پي ٽي آءِ جي نازيه 4003 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آئي. ايل اي 40 وادي ڪشمير 1 ۾ پيپلزپارٽي جو اميدوار عامر عبدالغفار لون 2165 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پي ٽي آءِ اميدوار سليم بٽ 875 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو. ايل اي 41 وادي ڪشمير 2 ۾ تحريڪ انصاف جي غلام محي الدين 2326 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، نواز ليگ جو اڪرم بٽ 741 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو، ايل اي 42 وادي ڪشمير 3 ۾ تحريڪ انصاف جو عاصم شريف بٽ 1254 ووٽ کڻي کٽي ويو، نواز ليگ جو شوڪت شاهه 1205 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، ايل اي 43 وادي ڪشمير 4 ۾ به تحريڪ انصاف سوڀ ماڻي ورتي، پي ٽي آءِ اميدوار جاويد بٽ 782 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، نواز ليگ جي نسيمه واني 720 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي، ايل اي 44 وادي ڪشمير 5 واري سيٽ نواز ليگ کٽي ورتي، نواز ليگ اميدوار احمد رضا قادري 2007 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي، مسلم ڪانفرنس جي مهر النساءِ 1163 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. ايل اي 45 وادي ڪشمير 6 ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار عبدالماجد خان 3188 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته آزاد اميدوار عبدالناصر خان 2063 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.

لاهور/ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب الزام هنيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي عملي کي پولنگز مان ڪڍي ووٽ چوري ڪيا ويا، فائرنگ جي واقعن جا اطلاع ڳڻتي جوڳا آهن. نواز ليگ صدر شهبازشريف چيو آهي ته سمورو ڏينهن چونڊ ضابطن جون ڌچيون اڏايون ويون، قوم کي اهي منظر ياد رهندا. جڏهن ته پ پ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آزاد ڪشمير اليڪشن کي تڪراري بڻائي ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچايو پيو وڃي، موجوده حڪومت ڪشمير جي حوالي سان غلطين مٿان غلطيون ڪري رهي آهي،ڇا اوهان کي خبر ناهي ته ڪشمير مسئلو ڪهڙي ڳالهه تي اٽڪيل آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته آئون ننڊ ۾ به ڪشمير جي حوالي سان غلطي نه ٿو ڪري سگهان، هي ته جاڳندي به جڏهن ڳالهائن ٿا ته غلطي ڪري ويهن ٿا، هن چيو ته وزيراعظم پاڻ آزاد ڪشمير ۾ جااهل وزير کي وٺي ويو، جنهن اهڙي زبان استعمال ڪئي، جيڪا ڪو جااهل انسان به استعمال نه ٿو ڪري سگهي، تحريڪ انصاف کي خبر آهي ته هنن جي آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن نه آهي، اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ جي وفاقي حڪومت ذميوار آهي، راجا پرويز اشرف اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير کان مطالبو ڪيو آهي ته چونڊن جي حوالي سان هر شڪايت جي غيرجانبداراڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان الزام هنيو ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ منظم طريقي سان ڌانڌلي ٿي آهي، ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار ياسين چوڌري جي گاڏي مٿان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان فائرنگ ڪئي وئي. جنهن ۾ ياسين چوڌري ذري گهٽ بچي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن جي ووٽرز لسٽن ۾ واضح فرق آهي. شيري رحمان چيو ته فواره چوڪ پولنگ اسٽيشن تي پوليس پيپلزپارٽي جي ڪيمپ به پٽي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪجهه ئي فاصلي تي تحريڪ انصاف جي ڪيمپ قائم آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن حڪومتي ڌانڌلي کي روڪي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي.