برطانوي شهري 43 سالن کان اخبار کي تنقيدي خط لکي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

0
341

لنڊن (دلچسپ نيوز)برطانوي شخص مسلسل 43 سالن کان هڪ ئي اخبار کي پنهنجي ناراضگي جا خط لکي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. 71 ساله برني ڪيرول 1978ع کان هڪ اخبار دي ليور پول ايڪو کي خط لکي رهيو آهي پر ان جي خطن ۾ شڪايتون ۽ بي معنيٰ وارين ڳالهين جا انبار لکيل آهن.هڪ محتاط اندازي موجب هو هينئر تائين 40 لک لفظن تي ٻڌل 15 هزار کان وڌيڪ خط لکي چڪو آهي. پهريان هن 1970ع ۽ 1980ع دوران ليور پول ۾ قائم ڪيل عسڪري ڪائونسل تي پنهنجي ناپسنديدگي جا خط لکيا ۽ ان کان پوءِ خط لکڻ جو سلسلو بنا ڪنهن وقفي سان جاري رهيو. ان کان پوءِ برني پنهنجي ڀرپاسي وارن مسئلن تي خط لکڻ شروع ڪيا ايستائين جو اخباري خطن ۾ ماڻهن جي رويي جي به شڪايت ڪئي ۽ تازن خطن ۾ هن پنهنجي ڪاوڙ آتشبازي ڪندڙن ۽ پارڪن ۾ گهمندڙ رولو ڪتن تي لاٿي آهي.برني ڪيرول ٻڌايو ته مون کي هر ناانصافي ۽ غلط فعل تي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي خبر آهي ته منهنجي خط لکڻ سان ڪجهه به بدلي نه ٿيندو پر دل جي ڪاوڙ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ ان کان بهتر ٻيو ڪوبه رستو نه بچو هو. هن موجب اندر جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ جي لاءِ اخبارن کي خط لکڻ جي پابندي ڪري ڇڏي هئي.مذڪوره اخبار موجب برلن کي خط ۾ ڪاوڙ سان گڏوگڏ طنز ۽ مزاح جو عنصر به موجود هوندو آهي. برلن ڊگهي وقت تائين موسيميار رهيو آهي ۽ هر روز هو ڪو نه ڪو سرگرم مسئلو ڳوليندو آهي ۽ ان تي خط لکي ڇڏيندو آهي. روزانو هو ڪنهن مسئلي تي هڪ ڪلاڪ جي تحقيق ڪندو آهي ۽ ان کان پوءِ هو خط لکڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. پهريان هو خط هٿن سان لکندو هو پر خطن تي 20 پائونڊ في هفتو خرچ اچڻ سبب هن هاڻ اي ميل جي ذريعي ايڊيٽرن کي خط موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.