مظفرآباد/ڪراچي(م ڊ) آزاد ڪشمير جي مختلف تڪن ۾ سياسي ڪارڪن وڙهي پيا، ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 چڙهوئي ۾ ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، باغ ۾ باڙي گهل پولنگ اسٽيشنز ٻاهران به ڪارڪنن ۾ جهڙو ٿي پيو، سلهٽ باغ ۾ به جهڙي سبب پولنگ روڪي وئي، سماهني جي تڪ 6 ۾ اميدوار تي مخالف پارٽي جي ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، باغ جي تڪ ايل اي 16 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ نه ٿي سگهي، پرزائيڊنگ آفيسر ٻڌايو ته ٻن پارٽين جهيڙي بعد لکي ڏنو ته هو پولنگ ٿيڻ نه ڏيندا. ڪراچي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ پشاور ۾ به ووٽرن ۾ جهڙا، هڪٻئي جي هٿين پئجي ويا، گوجرانوالا پوليس پولنگ اسٽيشنز ٻاهران لڳايل نواز ليگ جي چونڊ مهم ڪيمپ پٽي اڇلائي ڇڏي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 2 ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ ڊي سي نواز ليگ ۽ مسلم ڪانفرنس جي پولنگ ايجنٽس کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺندي ڊي سي گوجرانوالا کي پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، سيالڪوٽ ۾ پولنگ ٻاهران نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن اٽڪي پيا، پشاور ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اسڪول پرنسپال ۾ بجلي بند ڪرڻ تي جهيڙو ٿي پيو، ٻئي هٿين پئجي ويا، جنهن ڪري پولنگ ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي. پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪراچي جي تڪ ايل اي 18 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي قبضي جو الزام هڻي ڇڏيو، سينيٽر تاج حيدر اليڪشن ڪميشن کي تحريري شڪايت به ڪري ڇڏي.