ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت آبپاشي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ، پبلڪ هيلٿ، قانون ۽ ثقافت کاتي جي 35 ڪامورن ۽ انجنيئرن کي 19هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ قانون کاتي جي 8 ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل پبلڪ پراسيڪيوٽر، ثقافت کاتي جي 4 ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي هڪ ۽ آبپاشي کاتي جي 4 ايڪيسنز کي 19هين گريڊ ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي جي 17 ڄڻن کي 19هين گريڊ ۾جوائنٽ ڊائريڪٽر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ انڊسٽريل ڪوآرڊينيٽر وارن عهدن تي ترقي جي منظوري ڏني وئي . ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري سيد متاز شاھ جي صدارت هيٺ ڪالهه سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ثقافت کاتي جي 4 ڊپٽي ڊائريڪٽرن حبيب الله ميمڻ، سنتوش ڪمار، زاهد عباس آخوند ۽ شير محمد مهر کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر طور ترقي جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته پبلڪ هيلٿ جي شوڪت ميمڻ کي 19هين گريڊ ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ، قانون واري کاتي جي 8 آفيسرن علي حيدر سليم، محمد اقبال اعواڻ، سيد سردار شاھ، شاهد احمد شيخ، شهزادو سليم، سيما اقدس، منتظر مهدي ۽ ظهور شاھ کي 19هين گريڊ ۾ ايڊيشنل پبلڪ پراسيڪيوٽر طور ترقي جي منظوري ڏني وئي. آبپاشي کاتي جي 4 انجنيئرن اشفاق ميمڻ، شڪيل احمد محمد شعيب سمون ۽ محمد شهزاد اڪبر کي 19هين گريڊ ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر طور 19هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي جي هڪ ڪاموري احمد نواز سومرو کي 19هين گريڊ ۾ انڊسٽريل ڪوآرڊينيٽر ، محمد سليم شيخ کي 19هين گريڊ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ 16 ڄڻن نصرت اقبال، عباس سومرو، حميد غوري، منير عباسي، محمد اڪرم، شاهده پروين، ڪشور سلطانه، نازش بيگ، شبانه خاتون، فوزيه عابد، انجم لطيف، پرنس راجپال، محمد بخش پنهيار، ثناالله آرائين، پرتاب راءِ ۽ سريش کي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي جي منظوري ڏني وئي.