ڪراچي: سروسز کاتي جي پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن جون 18 ۽ 19هين گريڊ ۽ معدني وسيلن واري کاتي ۾ ئريڪٽر واري عهدي لاءِ ترقيون رولڙي جو شڪار، گھرو۽ صحت کاتن جي سيڪريٽرين پاران اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب ٻنهي کاتن جون ترقيون به رُڪجي ويون. سروسز کاتي جي پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن جون 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ورڪنگ پيپر مڪمل نه هجڻ سبب ملتوي ڪيون ويون آهن. جڏهن ته معدني وسيلن واري کاتي جي ڪامورن جا به ورڪنگ پيپر مڪمل نه هجڻ سبب سندن ترقين وارو عمل روڪيو ويو. اهڙي طرح صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ۽ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ پاران اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب ٻنهي کاتن جي ڪامورن جون ترقيون اڻڄايل مُدي تائين ملتوي ويون ويون آهن.