گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ۾ڳوٺ جهنڊو سنگھڙ جي رهواسي عبدالغفور سنگهڙ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته راحب سنگهڙ ۽ واڌل سنگهڙ منهنجي اءُ صدام سنگهڙ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي جرڳو ڪري 5 سال جي ڌيءُ زارا جو سڱ چٽي ۽ 50 لک ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي، جرڳو مڃڻ کان انڪار تي جوابدارن گهر تي حملو ڪري صدام حسين سنگهڙ ۽ سعيد احمد سنگهڙ کي اغوا ڪري ويا آهن.عبدالغفور سنگهڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر جرڳي ۾ 5 سال جي ڌيءُ زارا سنگهڙ جو نڪاح ذهني معذور سان ڪرائڻ جي فتويٰ ٻڌائي هئي. بااثر جوابدارن جي چوڻ تي گهوٽڪي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه بعد هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري وئي آهي، نوٽيس وٺي صدام حسين ۽ سعيد احمد سنگهڙ کي بازياب ڪرائي جرڳو ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.هوڏانهن گهوٽڪي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪوبه ڪارنهن جو جرڳو ناهي ٿيو، مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف جرڳو ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل راحب علي سنگهڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڪو به ڪارنهن جو جرڳو ناهي ڪيو ۽ نه ئي صدام ۽ سعيد سنگهڙ کي اغوا ڪيو آهي الزام ڪوڙا آهن الزامن جي انڪوائري ڪرائي وڃي.