ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ هئڻ سبب ڀارت عالمي ڪرڪيٽ تي حاوي آهي.  هڪ مقامي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ڊگهي ونڊو سبب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ پاڪستان جي فيوچر ٽور پروگرام (ايف ٽي پي) جو شيڊول به متاثر ٿيندو.  هن چيو ته ڀارت ڪرڪيٽ جي عالمي منڊي هجڻ جي ڪري عالمي سطح تي راند تي راڄ ڪري رهيو آهي، جنهن جا اثر جلد ٻين ٽيمن تي به نظر ايندا.