ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي ليگ اسپنر شين وارن جي ياد ۾ کيڏيل نمائشي ميچ ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم وڏي عرصي کانپوءِ 22 گز جي پچ تي بولنگ ڪئي. نمائشي ميچ ۾ وسيم اڪرم انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪ آرٿٽن کي سوئنگ يارڪر ڪرائيندي کيس ڪلين بولڊ ڪري حيران ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير تائين آرٿٽن سمجهي نه سگهيو ته اهو آئوٽ ٿي چڪو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ بئي رانديگر لنڪا شائر طرفان گڏجي ڪائونٽي ميچز کيڏي چڪا آهن. ميچ ۾ ڪائيو لائڊ امپائرنگ ڪري رهيو هو جڏهن ته آرٿٽن سان گڏ ٻي اينڊ تي برائن لارا بيٺو هو.