آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
158
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڀارتي ٽيم آڏو پاڪستان جي بيٽنگ ۽ بالنگ لائين جي بدترين پرفارمنس، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

روهت شرما 63 بالن تي 6 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 86 رنس جي اننگ کيڏي، ڪي ايل راهول 19 ۽ شرياس ايئر 53 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيا، احمد آباد جي مودي اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستان جي سموري ٽيم 42 اوورز ۾ 191 رنس تي ڍير ٿي وئي

عبدالله شفيق 20 ۽ امام الحق 36 رنس ٺاهي سگهيا، بابر اعظم 50 رنس تي آئوٽ ٿيو ته ٻيا رانديگر هڪٻئي پويان پويلين واپس هليا ويا، محمد رضوان 49، سعودي شڪيل 6 ۽ افتخار احمد 4 رنس ٺاهي سگهيا، شاداب خان ۽ حارث رڳو 2 رنس ٺاهيون، محمد نواز 4 ۽ حسن علي 12 رنس جو اسڪور ڪيو

هن کي به پڙهندا

ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ جي مها دنگل ۾ پاڪستان جي بيٽنگ لائين مڪمل طور ناڪام