آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾ اهم اجلاس: جاچ شعبي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جو فيصلو

0
279
آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾ اهم اجلاس
آءِ جي سنڌ جي صدارت ۾ اهم اجلاس: جاچ شعبي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ انويسٽيگيشن شعبي جي اپ گريڊيشن بابت اهم اجلاس ٿيو آهي

اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي  انويسٽيگيشن سنڌ منير شيخ ۽ ڊي آءِ  جي ايڊمن ڪراچي طرفان آءِ جي سنڌ کي بريفنگ ڏني وئي

آءِ جي سنڌ چيو ته ڏوهن جي مختلف نوعيت جي لحاظ کان باصلاحيت ۽ سٺي شهرت رکندڙ جاچ  آفيسرز کي مقرر ڪيو وڃي

آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته سمورن انويسٽيگيٽر آفيسرز جي  ڪارڪردگي هر مهيني جي بنياد تي چيڪ ڪئي وڃي، حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سٺي ڪارڪردگي رکندڙ آفيسرز کي ماهوار پگهار کانسواءِ هڪ بنيادي پگهار به ڏني وڃي