سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) آءِ بي اي خلاف سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيل وڊيو ۾ پاڻ کي شاگردياڻي ظاھر ڪري سنگين قسم جي الزام لڳائيندڙ نجي اسڪول جي ميٽرڪ ۾ پڙھندڙ اگردياڻيءَ ايشا بلوچ جو ڪاميٽي آڏو ڏنل بيان به منظر عام تي اچي ويو، ڪاميٽيءَ آڏو ايشا بلوچ طرفان ڏنل وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مونکي آءِ بي اي ۾ دوکي سان گھرائي مسجد ۾ وڊيو تيار ڪرائي وئي، ايشا پنھنجي ماءُ جي موجودگي ۾ ڪاميٽي آڏو بيان ڏنو ته مونکي بختاور گھرائي چيو ته ھڪ پراجيڪٽ لاءِ وڊيو ٺاھڻي آھي، وڊيو واري معامري متعلق کيس وڊيو رڪارڊ ٿيڻ کان اڳ ڪا به ڄاڻ نه ھئي، اُتي ئي مون کي ٻڌايو ويو ته بس ھي اسڪرپٽ پڙھڻو آھي. اِن حوالي بختاور سومرو جو چوڻ ھو ته مون ڪالهه ئي پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ھو ته اِھو وڊيو مون ٺھرايو آھي، پوءِ به ايشا کي پريشان ڪيو پيو وڃي، مون کي حق، سچ ڳالھائڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جيڪڏھن مون کي ڌمڪيون ناھن ڏنيون ويون ۽ يرغمال ناھي بڻايو ويو ته آءِ بي اي جي موجود سي سي ٽي وي فٽيجز منظر عام تي آندا وڃن ته حقيقت سامھون اچي ويندي. مان ھڪ ڀيرو ٻيھر وزير اعظم پاڪستان ۽ وزير اعلي سنڌ کان ان معامري جي اعليٰ سطح شفاف جاچ، جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪريان ٿي ته جيئن حقيقتون سامھون اچي سگھن. ٻئي طرف آءِ بي اي سکر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر حسين صديقي شوڪاز نوٽيس خلاف ھاءِ ڪورٽ سکر پهچي ويو آھي، وڪيل سھيل احمد کوسو موجب حسين صديقي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته بختاور سومرو کان زبردستي مون خلاف بيان ڏياريو ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون به بختاور کي ڌمڪيون ڏنيون، بلاوجا مون تي الزام لڳايا ۽ لڳرايا پيا وڃن. جنھن تي عدالت آءِ بي اي طرفان حسين صديقي کي اماڻيل شوڪاز نوٽيس کي رد ڪندي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڌر بڻايل چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊس، وائيس چانسلر آءِ بي يونيورسٽي سکر، رجسٽرار آءِ بي اي ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 20 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.ياد رهي ته ڪالهه آئي بي اي سکر جي انٽرني بختاور سومرو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته آئي بي اي جي مسجد ۾ مون وڊيو ٺاهي، يونيورسٽي انتظاميا مٿان لڳايل الزام درست هئا، رجسٽرار زاهد حسين کنڊ پاران حسين صديقي خلاف بيان ڏيڻ تي مون کي پروموشن،گهر ۽ گاڏي ڏيڻ جي لالچ ڏني وئي، آفر قبول ڪرڻ کان انڪار تي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ايس ايس پي سکر عرفان سمون به ڌمڪيون ڏنيون ۽ بيان ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويو، مون حسين صديقي جو نالو دٻاءُ ۾ کنيو هو، يونيورسٽي جي جاچ ڪاميٽي پاران جاچ بعد وڊيو اسڪينڊل جو مک ڪردارحسين صديقي کي قرار ڏئي، کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ھو، حسين صديقي شوڪاز نوٽيس خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪيو آھي.