آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي آڊيو ٽيپ جي اجازت ناهي، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

0
151

آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي آڊيو ٽيپ جي اجازت ناهي، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ستار بابر آڊيو ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته جيڪو به حڪومتي نمائندو اچي ٿو چوي ٿو آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي، سوال اهو آهي ته پوءِ اهو ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي؟ وفاقي حڪومت فيصلو ڪري ته تماشو لڳائيندي يا جواب ڏيندي، حڪومت عدالت کي نه ٻڌايو ته پوءِ قومي ۽ بين الاقوامي معاون مقرر ڪنداسين

 جسٽس بابر ستار بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل لطيف کوسا وچ ۾ ٿيل مبينا ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ليڪ ۽ وائرل ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي

اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم آفيس جو موقف آهي ته آءِ ايس آءِ اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي سميت ڪنهن به اداري کي آڊيو ٽيپ جي اجازت نه آهي، جيڪڏهن ڪا ايجنسي آڊيو ريڪارڊنگ ڪري رهي آهي ته غير قانوني طريقي سان ڪري رهي آهي

اٽارني جنرل چيو ته آءِ ايس آءِ جي رپورٽ مطابق سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تان رپورٽ وٺڻي پوندي، تڏهن ئي جاچ اڳتي وڌي سگهي ٿي، جسٽس بابر ستار چيو ته آءِ ايس آءِ چئي رهي آهي ته آڊيو ليڪ ڪٿان ٿي ان جي سورس جو پتو لڳائي نه ٿي سگهي

پيمرا جي وڪيل چيو ته اسان ٽي وي چينلز کي چيو هو ته اهڙيون آڊيو ليڪس نشر نه ٿينديون، اسان اهو معاملو ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ڏانهن اماڻيو اهي فيصلو ڪندا، عدالت پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

عمران خان جيل مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو