ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ٿڌ جو جواز ڄاڻائي ڀاڄين ۽ ميوات جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ ٽماٽا ۽ نوان پٽاٽا 45، بصر 179، ڀينڊيون 350، انگريزي ميها 75، توريون 95 ، بيهه 120، ديسي پالڪ 75، کيرا 90 ، واڱڻ 60، موري 45 ،پتائي گجرون 40 ، پيز ( مٽر جون ڦريون) 75 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا، جڏهن ته اول درجي جا ڪيلا 210، زيتون 160، صوفي ٻير 220، نارنگيون 120، پپيتا 170، چيڪو 119، انگور ۽ ڏاڙهون 440 رپيا ڪلو تي پهچي ويا هئا.