ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ڪانڊيرو ڪيريو ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن تـ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سميت مينھن ۽ ٻڪرين سميت 8 ڍور سڙي مري ويا، اطلاع ملڻ بعد فائربرگيڊ پهچي باھ تي ضابطو آندو، متاثر ڳوٺاڻن ۾ محمد صديق ڪيريو، محمد ثمين ڪيريو، طالب ڪيريو، عظيم ڪيريو، بشير ڪيريو، حنيف، عبدالغفور، راهب علي ۽ عبدالرشيد ڪيريو جا گھر شامل آھن.