ٺاروشاھ (ن پ ا) درٻيلو ڀرسان ڪچي جي زمين جي مالڪي تان چانڊيا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل خوني جهيڙي ۾ قتل ٿيل پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻن جي قتل بعد جهيڙيندڙ ڌرين وٽ جهيڙي کي روڪرائڻ لاءِ ٻيهر ميڙ منٿ قافلو پهتو، ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿي ويون، ان ڏس ۾ پي ايس پپري ۽ ڀاڳوديرو ٿاڻن جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو ڪلهوڙا برادري وٽ پهتو ۽ ڳالهيون ڪيون، ٻي طرف درگاهه لوڙهي شريف جي گادي نشين علي علي مرتضيٰ، زميندار عبدالغفار خان ڏهراج ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو چانڊيا برادري جي ماڻهن وٽ پهچي ٺاهه ۽ فيصلو لاءِ عرض ڪيو، جهيڙيندڙ ڌر ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريو ۽ ڪجھه ڏينهن جي مهلت گهري ورتي ته جيئن برادري جي صلاح مشوري بعد سٺي موٽ ڏينداسين .