ٺاروشاھ (ن پ ا) درٻيلو ڀرسان ڪچي جي زمين جي مالڪي تان چانڊيا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل خوني جهيڙي ۾ قتل ٿيل پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻن جي قتل بعد جهيڙيندڙ ڌرين وٽ جهيڙي کي روڪرائڻ  لاءِ  ٻيهر ميڙ منٿ قافلو پهتو، ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿي ويون، ان ڏس ۾  پي ايس پپري ۽ ڀاڳوديرو  ٿاڻن جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ  ميڙ منٿ قافلو ڪلهوڙا برادري وٽ پهتو  ۽ ڳالهيون ڪيون، ٻي طرف  درگاهه لوڙهي شريف جي گادي نشين  علي علي مرتضيٰ، زميندار عبدالغفار خان ڏهراج  ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو چانڊيا برادري جي ماڻهن وٽ پهچي   ٺاهه ۽ فيصلو لاءِ  عرض ڪيو، جهيڙيندڙ ڌر ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ  راضپو ڏيکاريو ۽ ڪجھه ڏينهن جي مهلت گهري ورتي ته جيئن برادري جي  صلاح مشوري  بعد سٺي موٽ ڏينداسين .